سچل جا سلام

سچل جا سلام

سچل جا سلام

سچل جا سلام (ڪتاب): هي شفيع محمد سومري عرف همير سنڌوءَ جو ترتيب ڏنل ڪتاب آهي، جنهن ۾ مختلف عنوانن تي سچل جي ڪلام جي ترتيب ڏني وئي آهي، جهڙوڪ: اناالحق آلاپ، سسئيءَ جا سور، نوريءَ جا ناز، مارئيءَ جا مارو، پورب جا پانڌي، مومل جي محبت، سهڻيءَ وچ سير ۾، ڏنو سر ڏياچ، ليلان جا لاڏ، سارنگ سندا ساٺ، اکڙين جا اسرار وغيره. آخر ۾ سچل جا ساٿي عنوانن هيٺ سامي، ولي محمد ولي، ولي محمد علوي، غلام همداني، روحل فقير، مراد فقير ۽ بهادر شاهه ظفر جو ذڪر ڪيو ويو آهي. ڊيمي سائيز جي 92 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، سنڌي ساهت گهر حيدرآباد، 2004ع ۾ ڇپايو آهي ۽ ان جي قيمت 50 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو